رضي الدين صديقي ڊاڪٽر

رضي الدين صديقي ڊاڪٽر

رضي الدين صديقي ڊاڪٽر

رضي الدين صديقي، ڊاڪٽر: ناميارو تعليمدان، سائنسدان ۽ ســنڌ يـونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، 2 جنوري 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو. 1925ع ۾ هن جامعه عثمانيه مان گريجوئيشن ڪئي ۽ پوءِ 1928ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي، لنڊن مان رياضيءَ جي مضمون ۾ امتيازي نمبرن سان ايم. اي ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب 1931ع ۾ جرمنيءَ جي ليپزگ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد هو وطن واپس اچي درس تدريس جي شعبي سان وابسته ٿي ويو. هو سنڌ يونيورسٽي، پشاور يونيورسٽي ۽ قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد جو وائيس چانلسر پڻ رهيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ پاڪستان سائنس اڪيڊميءَ جي سربراهه جا فرض سرانجام ڏنائين. هن ادبي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو ۽ ادبي سفر ۾ علامه اقبال سندس آئيڊيل رهيو، جنهنڪري هن اقبال تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪيو. اقبال جي شاعريءَ متعلق هن جا ٻه ڪتابَ: (1) اقبال ڪا تصور زمان و مکان، (2) کلام اقبال مين موت و حيات- پڻ ڇپيا. ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ کي سندس تدريسي ۽ ادبي خدمتن عيوض حڪومتِ پاڪستان طرفان نشانِ امتياز ۽ هلال امتياز جي اعزازن سان نوازيو ويو. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي اعزاز ۽ اوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ پنهنجي 90هين سالگرهه واري ڏينهن، 2 جنوري 1998ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه اسلام آباد جي مرڪزي قبرستان ۾ آهي. ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ، 20 صديءَ جي مهان ڏاهي سائنسدان آئنسٽائين سان گڏجي تحقيقي تجربا پڻ ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1908.01.02  عيسوي

ناميارو تعليمدان، سائنسدان ۽ ســنڌ يـونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، 2 جنوري 1908ع تي حيدرآباد دکن ۾ پيدا ٿيو.


1998.01.02  عيسوي

ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ پنهنجي 90هين سالگرهه واري ڏينهن، 2 جنوري 1998ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه اسلام آباد جي مرڪزي قبرستان ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بخش سخيراڻي
دارا شڪوه 1
آغا بدر الدين
نثار بزمي
وزير فرهاد سولنگي
صدر پاڪستان
علي ڏنو جروار
شيام رامسي
پنهور خان محمد ڊاڪٽر
جهونجهار شورو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون